پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، فتنته الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه:  بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ردالفتنه 3 جي تحت فتنته الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن.

سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجگور جي علائقي ڪلي سوران ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ فتنته الهندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي هڪ وڏي دهشتگردي جي ڪارروائي انجام ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ڪارروائي جي دوران جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن جي استعمال سان دهشتگردن کي ڪاميابي سان نشانو بنايو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن کان ڳري مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 گاڏيون، 2 موٽر سائيڪلون، آئي اي ڊي ڊيوائس سميت پابندي مڙهيل تنظيم جو جهنڊو به هٿ آيو.

ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد مقامي ماڻهن کان ڦر مار، ڀته خوري، اغوا براءِ تاوان، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبه بندي ۾ ملوث هئا. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

 

تبصرے بند ہیں۔