ڪرينا ڪپور جي حمل جا افواهه، خاندان جي وضاحت

ممبئي: ڀارتي ميڊيا موجب تازو ئي ڪرينا ڪپور جي جم ٻاهران ٺهيل هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ مداحن پاران سندس ٽئين حمل بابت قياس آرائيون شروع ٿي ويون.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪرينا ۽ سندس مڙس، اداڪار سيف علي خان، تازو ئي پنهنجن ٻارن تيمور ۽ جهانگير سان گڏ سمنڊ ڪناري موڪلون گذاري ممبئي واپس آيا آهن.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ اداڪارا کي جم جا ڪپڙا پاتل حالت ۾ پنهنجي گاڏي ڏانهن ويندي ڏٺو ويو، جنهن دوران ڪرينا جي وزن ۾ واڌ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
افواهون پکڙجڻ کان ٿوري ئي دير بعد ڪرينا ڪپور جي ويجهن ذريعن ”هندوستان ٽائمز“ کي اداڪارا جي ٽئين حمل بابت وضاحت ڏني.
”هندوستان ٽائمز“ موجب ذريعن ٻڌايو ته ڪرينا حامله ناهي ۽ اها ڳالهه بلڪل به درست ناهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور ماضي ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران پنهنجي خانداني منصوبن بابت ڳالهائيندي واضح ڪيو هو ته هوءَ وڌيڪ ٻار نٿي چاهي.

تبصرے بند ہیں۔