تهران: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سرڪاري دوري تي ايران پهچي ويو جتي انهي جو استقبال ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني ڪيو. جنهن کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ملاقات ٿي، گهرو وزير محسن نقوي به ملاقات جي دوران موجود هو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان طرفان علاقائي امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ايران جو دورو ڪري رهيو آهي. فيلڊ مارشل دوري جي دوران وچ اوڀر ۾ تڪرار جر پرامن، پائيدار ۽ جامع حل جي ڪوششن تي ڌيان ڏياريندو.
رپورٽ موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان گڏ ايران جي گهر وزير اسڪندر مومني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات جي دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تعاون، علاقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل لاڳاپن بابت معاملا بحث هيٺ آيا، ڌرين خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي به ڳالهيون ڪيون.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو اهو دورو پاڪستان طرفان خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ جاري ڪوششن جو حصو آهي. انهي سان گڏ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ داخلي معاملن بابت تعاون جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو پيو اچي ۽ فيلڊ ماشل جو تازو ايران جو دورو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ تڪرار تي جامع حل جي ڪوششن کي اهميت ڏيڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔