وزيراعظم سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات، سنڌ جي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي اهم ڳالهيون

اسلام آباد:  وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات، سنڌ جي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي اهم ڳالهيون

اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ صوبي جي مجموعي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيمه، شزه فاطمه خواجه ۽ علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا.

ملاقات دوران سنڌ ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن، وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ سهڪار ۽ صوبي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ موجوده سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ ۾ سياسي رواداري، باهمي مشاورت ۽ گڏيل سهڪار جو سلسلو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عوام جي ڀلائي ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔