آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ پولنگ، (ن) ليگ 8 مان 6 تي ڪامياب

مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ 8 مخصوص سيٽن مان 6 سيٽن تي(ن) ليگ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي  8 مخصوص سيٽن تي چونڊون ٿيون، عورتن جي 5 مخصوص سيٽن ۾ پيپلز پارٽي جا 2 ۽ مسلم ليگ(ن) جا 3 اميدوار ڪامياب ٿيا، عورتن جي 5 مخصوص سيٽن تي(ن) ليگ جي سحرش قمر، مريم زمان ۽ مريم ادريس ڪامياب ٿيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي فرزانه يعقوب ۽ زوبيا خورشيد به ڪامياب قرار ڏنيون ويون. زوبيا خورشيد ۽ رفعت عابد 5-5 ووٽ کنيا جنهن کان پوءِ قرعه اندازي ۾ زوبيا خورشيد جو نالو نڪري آيو.

علماءِ ومشائخ جي سيٽ تي(ن) ليگ جو پير مظهر سعيد شاهه ڪامياب ٿيو. ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي(ن)  ليگ جو بيرسٽر افتخار گيلاني ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته اوورسيز ڪشميرين جي سيٽ تي(ن) ليگ جو عبدالرحمان آرائين ڪامياب قرار ڏنو ويو.

آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾(ن) ليگ گڏيل طور تي 31 سيٽون ۽ پ پ 14 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، عوامي مخالف ڌر جي هڪ سيٽ تي(ن) ليگ سان اتحاد کان پوءِ(ن) ليگ جون 32 سيٽون آهن.

ايوان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. ياد رهي ته پونچهه ۽ سدهنوتي ۾ چونڊ نه ٿيڻ سبب 7 ميمبرن کان سواءِ حڪومت سازي جو عمل سرانجام ڏنو پيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔