جو روٽ جو وڌيڪ ڪيچز پڪرڻ جو عالمي رڪارڊ

ليڊز : انگلينڊ جي اسٽار بيٽر جو روٽ ٽيسٽ ڪريڪٽ جي تاريخ ۾ بطور فيلڊر (وڪٽ ڪيپر کان علاوه) سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺڻ جو آسٽريليا جي اسٽيو اسٽينڊ جو عالمي رڪارڊ توڙي ڇڏيو آهي. روٽ هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ايلس آرچر جي بال تي اذان اويس جو تيز رفتار ڪيچ وٺي پنهنجو 219ئون ڪيچ مڪمل ڪيو. ياد رهي ته انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

تبصرے بند ہیں۔