توانائي بحران سان ايشيائي معيشتون متاثر، اي ڊي بي مهانگائي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) ترقي يافته ايشيا ۽ بحرالڪاحل جي معيشتن لاءِ 2026 جي اقتصادي ترقي جي اڳڪٿي ڪندي انهي کي 4.9 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 2025 ۾ وياج جي شرح 5.5 سيڪڙو رهي هئي، اهو اندازو اپريل ۾ جاري ڪيل اندازن جي مقابلي ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽ آهي.

تفصيل موجب اي ڊي بي طرفان جولاءِ 2026 جي لاءِ جاري ڪيل ايشين ڊوالپمينٽ آئوٽ لڪ موجب وچ اوڀر جي تڪرار سبب توانائي جي عالمي منڊين ۾ ڊگهي رڪاوٽن خطي جي اقتصادي صورتحال کي اميدن کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. پر 2027 جي وياج جي شرح جو اندازو 5.1 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي ڇو ته انهي دٻاءُ ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچڻ سان معاشي سرگرمين ۾ بحالي جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب جون ۾ طئي ٿيل فريم ورڪ معاهدي جي باوجود عالمي توانائي منڊين ۾ پيدا ٿيل رنڊڪون لاڳيتو ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. توانائي کان علاوه ڀاڻ، ٻين شين تيل ۽ سپلائي به انهي جا اثر برقرار رهڻ سبب مهانگائي جي دٻاءُ ۾ اضافي جو امڪان آهي.

خطي ۾ 2026 جي دوران مهانگائي جي شرح 4.3 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. جڏهن ته 2025 ۾ اها شرح 3 سيڪڙو هئي. اپريل جي اندازن جي مقابلي ۾ اها اڳڪٿي 0.7 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ آهي. جڏهن ته 2027 جي لاءِ مهانگائي جو اندازو 3.4 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي.

اي ڊي بي جي چيف اڪانومسٽ البرٽ پارڪ چيو آهي ته جيڪڏهن فريم ورڪ معاهدي تي پائيدار عمل ٿئي ٿو ته عالمي توانائي جي منڊين ۾ معمول جي صورتحال بحال ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي پر انهي عمل جي رفتار غير يقيني آهي ۽ انهي سان گڏوگڏ نمايان منفي خطرات به موجود آهن.

انهن جي بقول ترقي يافته  ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي اقتصادي ترقي لاڳيتو مضبوط آهي، پر تڪرار سان پيدا ٿيل مسلسل دٻاءُ سبب حڪومتن کي معاشي نمو کي هٿي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي وچ ۾ متوازن پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن تڪرار ٻيهر شدخت اختيار ڪري ٿو يا جغرافيائي سياسي غير يقيني صورتحال برقرار رهي ٿي ته انهي سان توانائي جون منڊيون متاثر ٿي سگهن ٿيون. خطرن جي لاڳت وڌي سگهي ٿي، مهانگائي ۽ ٻاهرين دٻاءُ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔