ايران جي 5 شهرن تي آمريڪي حملا، 14 فوت 78 زخمي، ٽن عرب ملڪن تي جوابي حملا

واشنگٽن : آمريڪي فوج پاران چيو ويو آهي ته تازو ڪيل حملن ۾ ايران جي 90 عسڪري (فوجي) هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب ايران تي حملن ۾ فضائي دفاعي نظام ۽ ساحلي نگراني جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، ايران جي ميزائل ۽ ڊرون ذخيرن ۽ بحري فوجي صلاحيتن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران جي ساحلي علائقن ۾ قائم فوجي لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر تي به حملا ڪيا ويا. ايران جي پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته انهن ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ قطر، بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملو ڪيو. پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر حملا ڪيا ته ردعمل خطي ۾ موجود ٻين آمريڪي اڏن تائين به ڦهلجي ويندو. ٻئي پاسي ايراني صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمانپور چيو آهي ته آمريڪي حملن ۾ 78 ماڻهو زخمي ٿيا جن مان 47 اسپتالن ۾ داخل آهن ۽ ٻين کي ابتدائي طبي امداد بعد واپس روانو ڪيو ويو. الجزيره موجب ايران جي 5 شهرن، بوشهر، چابهار، سرڪ، ۽ بندرعباس تي آمريڪي حملن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا آهن.

ايران جي شهر سرڪ ۽ بندر عباس ۾ ڌماڪا، ايراني ميڊيا
ايران جي شهر بندر عباس ۾ ڌماڪو ٻڌو ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب سرڪ ۽ بندر عباس ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا آهن، پر في الحال ان جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو. ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته ”اسان گذريل رات ايران تي حملو ڪيو، ممڪن آهي ته اڄ رات ايران تي وڌيڪ سخت حملا ڪريون.

نيٽو چيف جا بيان جنگ ۾ يورپي ملڪن جي ڄاڻي واڻي شموليت جو اعتراف آهن: اسماعيل بقائي
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته نيٽو چيف جا بيان ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ يورپي ملڪن جي ڄاڻي واڻي شموليت جو اعتراف آهن. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڌرتي، عسڪري اڏا ۽ تنصيبات ڏيندڙ ملڪ نتيجن جي ذميواري کان بچي نٿا سگهن، نيٽو چيف مارڪ روٽي جو هن جنگ تي فخر جو اظهار طاقت نه پر خوشامدانه رويي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته نيٽو چيف جو هي رويو خوشامدي درٻاري جي غلامانه ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، خوشامدي درٻاري گمان ڪري ٿو ته چاپلوسي بادشاهه جي نفرت کي مٽائي سگهي ٿي، آمريڪا جي نظر ۾ خوشامد سان ڪنهن غير مؤثر اتحاد کي مؤثر نٿو بڻائي سگهجي. اسماعيل بقائي چيو ته خوشامدي جي اهڙي قسم جي چالاڪي واري خوشامد سندس خودداري ۽ ذاتي وقار کي بحال نٿي ڪري سگهي.

”اچو اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون“،ايران
آمريڪي صدر ٽرمپ جي جزيره خارگ تي حملي جي ڌمڪي تي ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي جي ترجمان ابراهيم رضائي چيو آهي ته ”اچو اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، واعدو ٿا ڪريون ته ڪو به آمريڪي فوجي زنده واپس وڃي نه سگهندو.“ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽرمپ جي بيانن تي ردعمل ۾ چيو ته مهذب ۽ بهادر ايراني قوم لاءِ توهين آميز ٻولي استعمال ڪرڻ سان ايراني قوم جي عظمت گهٽ نٿي ٿئي.هن چيو ته ايراني پنهنجي شائستگي، ثقافت ۽ مضبوط اخلاقي قدرن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن، اسان بيهودگي جو جواب بيهودگي سان نه پر بي خوفي، عظيم حوصلي ۽ عمل سان ڏيندا آهيون.

آبنائي هرمز آمريڪي ڌمڪين سان نه پر ايراني انتظامن تحت کولي ويندي: باقر قاليباف
ايران جي چيف ڳالهائيندڙ (مذاڪرات ڪار) ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آبنائي هرمز آمريڪي ڌمڪين سان نه پر ايراني انتظامن ۽ خودمختياري تحت کولي ويندي.هن آمريڪا کي پيغام ڏنو ته ياد رکجو، هر حملي جو جواب ڏنو ويندو، واعدي خلافي ۽ ڌمڪين جي قيمت چڪائڻي پوندي.

ايران فون ڪري چيو آهي ته هو ڊيل چاهي ٿو: صدر ٽرمپ جو دعويٰ
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران فون ڪري چيو آهي ته هو آمريڪا سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو، پر اهو ناهي ٻڌايو ته ڪهڙي ايراني عهدي بابت ڪهڙي آمريڪي عهديدار کي فون ڪيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته کيس معلوم ناهي ته اهي عهديدار ڪنهن لائق آهن ۽ اهو به نٿا ڄاڻن ته آيا اهي ايراني عهديدار ان ڊيل کي پورو به ڪندا يا نه. اها ئي اصل مشڪل آهي. ان سوال تي ته آيا آمريڪي صدر جي طياري کي ايران مان ڪو خطرو آهي؟ صدر ٽرمپ چيو ته کيس هر وقت خطرا درپيش آهن. هو ايران جي هٽ لسٽ تي سڀ کان مٿان آهي. هڪ ٻئي سوال تي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ڪجهه دير اڳ ايران تي سخت حملو ڪيو آهي. ايران جي هڪ حملي جي جواب ۾ 20 ڀيرا حملا ڪيا ويندا آهن.

تبصرے بند ہیں۔