اسلام آباد: ايڪسائيز کاتي اسلام آباد مالي سال 2025-26 دوران رڪارڊ 25 ارب 43 ڪروڙ رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. کاتي موجب هيءَ رقم گاڏين جي رجسٽريشن فيس، روڊ ٽيڪس، هوٽل ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس سميت مختلف مدن مان وصول ڪئي وئي. انگ اکرن موجب، کاتي ايڪسائيز جي مد ۾ 19 ارب 13 ڪروڙ رپيا جڏهن ته ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ 6 ارب 30 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا.ڊي جي ايڪسائيز اسلام آباد چيو ته گذريل مالي سال دوران شهرين جي سهولت لاءِ ڪيتريون ئي جديد ۽ عوام دوست پاليسيون متعارف ڪرايون ويون، جن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته روينيو ۾ نمايان اضافو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شهرين جو ايڪسائيز کاتي اسلام آباد تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، ۽ کاتو مستقبل ۾ به شفافيت، سهولت ۽ مؤثر خدمتن جي فراهمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
تبصرے بند ہیں۔