ڪوئٽه: بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 19 دهشتگرد مارجي ويا، ڪارروائي جي دوران سيڪيورٽي فورسز جا 11 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ اين 25 شاهراهه تي جهاو ڪراس ۽ ڪرارو جي وچ ۾ فتنته الهندستان جي دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ۾ فتنته الهندستان جا 19 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز جا 11 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي ڪارروائي انهي ارادي جو واضح اظهار آهي ته عوام جي جان ۽ مال روڊن جي تحفظ ۽ بلوچستان جي امن کي يرغمال بنائڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ به پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا هئا.
تبصرے بند ہیں۔