ڪراچي: هيپاٽائيٽس سي جي خلاف قومي مهم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال وقت تي سڃاڻپ ۽ مفت علاج جي ذريعي پاڪستان کي هيپاٽائيٽس فري بنائڻ جو اظهار ڪيو آهي.
وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ وزيراعظم پروگرام هيپاٽائيٽس سي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ بيماري جي خاتمي لاءِ جاري قدمن جو جائزو ورتو ويو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي وقت تي نشاندهي ۽ علاج سان بيماري جي پکيڙ کي موثر انداز ۾ روڪي سگهجي ٿو. پاڪستان م هيپاٽائيٽس سي جا هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض موجود آهن، ملڪ کي هيپاٽائيٽس فري بنائڻ، حڪومت جو قومي عزم آهي اهو صرف هڪ پروگرام نه پر قوم جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي هڪ اهم مهم آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس سي پروگرام جي ڪاميابي ۾ پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال اهم ڪردار ادا ڪندا، هيپاٽائيٽس سي هڪ علاج جوڳو مرض آهي انهي جي خاتمي لاءِ حڪومت سان گڏ سموري قوم کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
تبصرے بند ہیں۔