لاهور: لاهور جي عدالت ۾ ٻن پرڏيهي عورتن سان زيادتي ۽ اغوا جي ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران رضا ڊار سميت 4 جوابدارن کي جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي جي دوران استغاثه ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جا ڊي اين اي ۽ فنگر پرنٽ ٽيسٽ ڪرايا ويا آهن.
پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس کي ڏوهه ۾ مبينه طور تي استعمال ٿيل گاڏي سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ، روڪ رقم ۽ هٿيارن کي به هٿ ڪرڻو آهي.
2 جوابدارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ سلمان شاهد وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته منهنجي موڪلن جو مبينه ڏوهه سان ڪوبه تعلق نه آهي، پوليس جي پنهنجي وزن موجب اهو معاملو زيادتي يا اغوا جو نه پر ڪرپٽو ڪرنسي جي تڪرار بابت هو. هن چيو ته اهو معاملو فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) اختيار ۾ اچي ٿو.
پوليس جوابدارن کي چهرن تي ماسڪ لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت جوابدارن کي 13 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور ۾ يورپي ملڪن هالينڊ ۽ اسپين سان تعلق رکندڙ ٻن عورتن جي مبينه اغوا جو واقعو 29 جون تي پيش آيو هو ۽ پوليس انهي معاملي ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي هڪ ويجهي مائٽ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. آچر تي ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور فيصل ڪامران هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته لاهور مان ٻن پرڏيهي عورتن جي اغوا براءِ تاوان جي ڪيس ۾ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان هڪ وڏي سياسي شخصيت جو مائٽ ملوث آهي پوليس ميرٽ تي انهي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.
تبصرے بند ہیں۔