سوئٽزرلينڊ ۽ ارجنٽينا جي فتح، ريفري تي ماهرن جي ڇتي تنقيد

ڪراچي:اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل (رائونڊ آف 16) ۾ ٻه ميچ کيڏيا ويا. پهريون ميچ آمريڪي شهر ايٽلانٽا ۾ ارجنٽينا جي مصر خلاف 3-2 جي فتح کانپوءِ ميچ جي ريفري تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ٻيو ميچ ڪينيڊا جي شهر وينڪوور ۾ سوئٽزرلينڊ ڪولمبيا کي پينالٽي ڪڪس تي ٽن جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست ڏني. سوئٽزرلينڊ جو ڪوارٽر فائينل ۾ ارجنٽينا سان مقابلو ٿيندو.

مداحن، راند جي ماهرن، مصر جي ڪوچ، رانديگرن ۽ اڳوڻن ڪيترن ئي رانديگرن متعصب ريفري جي فيصلن تي سوال اٿاريندي دعويٰ ڪئي ته اهي فيصلا دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا جي حق ۾ ويا.
جيتوڻيڪ ليونيل ميسي جي ٽيم بهادري سان مقابلو ڪندڙ مصر کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهتي، پر ميچ کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بحث جو وڏو مرڪز وڊيو اسسٽنٽ ريفري (VAR) جي غير يڪسان استعمال ۽ مصري ٽيم خلاف مبينا جانبداري جا الزام رهيا.
تڪرار ان وقت وڌيڪ وڌي ويو، جڏهن وي اي آر جي جائزي کانپوءِ مصر جي زيڪو جو هڪ گول حملي جي شروعات ۾ فائول قرار ڏئي رد ڪيو ويو، جڏهن ته ارجنٽينا سان لاڳاپيل اهڙن ڪيترن ئي واقعن جو جائزو ئي نه ورتو ويو. تنقيد ڪندڙن اهو به چيو ته محمد صلاح خلاف ٿيل هڪ واضح فائول تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، جڏهن ته ساڳين حالتن ۾ ميچ دوران مختلف معيار اختيار ڪيو ويو.
ايڪس تي ان معاملي تي فوري ۽ سخت ردعمل ڏسڻ ۾ آيو
هڪ صارف لکيو: “مصر سان ناانصافي ٿي. لڳي ٿو وي اي آر ته ڪافي پيئڻ ويو هو، جنهن سبب ارجنٽينا 3-2 سان کٽي ويو.”
هڪ ٻئي صارف وي اي آر جي اعتبار تي سوال اٿاريندي چيو: “جيڪڏهن وي اي آر جو استعمال اڄ رات ارجنٽينا ۽ مصر جي ميچ وانگر چونڊيل ۽ ذاتي راءِ جي بنياد تي ٿيندو رهيو ته پوءِ ورلڊ ڪپ جي ساک ختم ٿي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ ٽورنامينٽ جي شفافيت تي ڪنهن کي به ڀروسو نه رهندو.”
مصري مداحن سان گڏ ڪيترن ئي غيرجانبدار شائقين به آفيشيلز تي موجوده عالمي چيمپيئن جي حمايت ڪرڻ جا الزام هنيا.
هڪ وڏي پيماني تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ويو: “هي ريفرنگ شرمناڪ هئي ۽ ميسي جي ورثي لاءِ به داغ آهي. ارجنٽينا کي اهڙي مدد جي ضرورت ناهي. مصر شايد اسڪور بورڊ تي هارائي ويو، پر هن دنيا جي فٽبال مداحن جون دليون ضرور کٽي ورتيون.”
فرانسيسي ريفري فرانسوا ليتيڪسيئر به سخت تنقيد جي زد ۾ رهيو، جتي ڪيترن ئي صارفن سندس ڪارڪردگي کي “بدعنوان” قرار ڏيندي فيفا جي ميچ سنڀالڻ واري طريقي تي به سوال اٿاريا.
هڪ تمام گهڻي وائرل ٿيل پوسٽ ۾ لکيو ويو: “امام جي منهن تي مُڪو لڳو، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. ارجنٽينا ساڳيو ئي فائول پينالٽي باڪس ۾ ڪيو، جيڪو مصر ڪيو هو، پر وري به ڪنهن نه ڏٺو. پيلو ڪارڊ بنا سبب ڏيکاريو ويو. ايترو واضح هو جو لڳي رهيو هو ته هو ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش به نه ڪري رهيا هئا. انتهائي خراب ريفرنگ.”
تنقيد رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود نه رهي، پر اڳوڻن رانديگرن ۽ ٽيليويزن تجزيه نگارن پڻ ريفرنگ کي “گهٽ ۾ گهٽ غير يڪسان” قرار ڏنو. هنن ارجنٽينا جي واپسي جي صلاحيت کي تسليم ڪندي چيو ته تڪراري ريفرنگ فيصلن هڪ دلچسپ مقابلي جو مزو گهٽائي ڇڏيو.
اهو بحث پاڪستاني فٽبال شائقين ۾ به وڏي پيماني تي گونجيو، جتي علائقائي همدردي سبب ڪيترن ئي مداحن مصر جي حمايت ڪئي. مقامي فورمن ۽ ايڪس تي ڪيترن ئي صارفن دعويٰ ڪئي ته هي ميچ انهن وڏين عالمي مقابلن ۾ نظر ايندڙ “وڏين ٽيمن جي حق ۾ جانبداري” جو هڪ ٻيو مثال هو.
هڪ ٻي وائرل پوسٽ ۾ چيو ويو: “ماڻهو هن کي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ فڪس ٿيل ميچ سڏي رهيا آهن. مصر شاندار راند ڪري رهيو هو، پوءِ ريفري ارجنٽينا جي فائولن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ مصر کي رڳو ساهه کڻڻ تي به ڪارڊ ڏيئي رهيو هو.”
هن تڪرار کانپوءِ ڪيترن ئي تجزيه نگارن فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته وي اي آر جي ضابطن جو ٻيهر جائزو وٺي ۽ اهم ميچن دوران ان جي استعمال ۾ وڌيڪ يڪسانيت ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.
شڪست باوجود مصر کي دفاعي عالمي چيمپيئن خلاف سخت مقابلو ڪرڻ تي وڏي پيماني تي ساراهيو ويو، ۽ ڪيترن ئي مبصرن اڳڪٿي ڪئي ته “فرعون” جي هن ٽيم جو مستقبل روشن آهي. ٻئي طرف ارجنٽينا ڪوارٽر فائنل ۾ ته پهچي ويو، پر سندس فتح تي اڃا تائين ريفرنگ بابت جاري بحث جو پاڇو ڇانيل رهيو.

تبصرے بند ہیں۔