ليڊز: پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شرکت ميڊيڪل ٽيم جي ڪليئرنس سان مشروط ٿي وئي آهي.بابر اعظم کي گذريل هفتاوار پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سيليڪٽ الپين خلاف پاڪستان جي 3 ڏينهن واري پرئڪٽس ميچ دوران آڱر تي بال لڳي هئي.اهو واقعو 39ين اوور جي آخري بال تي پيش آيو، جڏهن فاسٽ بالر ميني لمزڊن جي تيز بال بابر اعظم جي آڱر تي لڳي. بابر فوري طور تي تڪليف ۾ نظر آيو، بيٽ ڇڏي ڏنائين ۽ ميڊيڪل اسٽاف کيس طبي امداد ڏني، جنهن بعد هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو.هڪ مهيني اندر بابر اعظم جي هٿ تي بال لڳڻ جو هي ٻيو واقعو هو. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز خلاف پاڪستان جي ٽيسٽ سيريز دوران به کيس هٿ تي بال لڳي هئي.پوءِ پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ (پي سي بي) ٻڌايو ته احتياطي تدبير طور ميڊيڪل ٽيم بابر اعظم کي پرئڪٽس ميچ جو باقي حصو نہ کيڏڻ جو مشورو ڏنو.جيتوڻيڪ بابر اعظم کي هيڊنگلي ۾ قومي ٽيم جي ساٿي رانديگرن سان ٽريننگ ڪندي ڏٺو ويو، پر انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ سندس شرکت اڃا تائين حتمي ناهي ٿي.پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عباس سومر تي هيڊنگلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته بابر جي دستيابيءَ جو حتمي فيصلو ميچ جي ڏينهن پي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم ڪندي.بابر جي فٽنيس بابت سوال تي عباس چيو ته هو کيڏندو يا نہ، ان جو فيصلو ميچ واري ڏينهن ئي ڪيو ويندو.واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ 19 آگسٽ کان ليڊز ۾ شروع ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔