اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف مڪه دفاعي معاهدي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان حمايت جي اظهار جي آجيان ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر جي پوسٽ تي جواب ڏيندي چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صدر ٽرمپ جي حمايت جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
وزيراعظم چيو ته ڀائراڻن ملڪن سعودي عرب ۽ ترڪيه سان گڏجي پاڪستان پنهنجي ملڪ سميت سموري خطي جي دفاع ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.
شهباز شريف چيو ته صدر ٽرمپ جي جرئتمندانه ۽ فيصله ڪن قيادت ڏکڻ ايشيا ۾ ايٽمي تباهي کي روڪڻ ۽ لکين حياتيون بچائڻ ۾ مدد ڪئي
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پائيدار امن اسان جي عوام جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ سڀني کان اهم شرط آهي. ياد رهي ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل مڪه گڏيل دفاعي معاهدي خطي ۾ هڪ نئين سيڪيورٽي اتحاد جي بنياد رکي ڇڏي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به معاهدي جي آجيان ڪندي انهي کي وڏو جرئتمنداڻو ۽ پهريون اهم قدم قرار ڏنو آهي. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي معاهدي تي تمام گهڻو خوش آهي ٽرمپ موجب اهو معاهدو ظاهر ڪري ٿو ته وچ اوڀر جا ملڪ گڏيل تعاون ذريعي خطي جي سلامتي کي مضبوط بنائڻ جي طرف وڌي رهيا آهن ۽ پنهنجي حفاظت وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا.
مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي 7 آگسٽ تي مڪه مڪرمه ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف صحيحون ڪيون هيون.
تبصرے بند ہیں۔