ڪوئٽه: سڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الہندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 دهشتگرد زخمي ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بسيمه ڪيمپ کان 12 ڪلوميٽر اتر طرف ڪلي زائيڪ ۽ ڪاغلي وچ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. ان دوران سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
سڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ مشتاق احمد عرف ڪوه يار طور ٿي آهي. دهشتگردن جي قبضي مان ايمونيشن، ميگزين، دستي بم ۽ آءِ اي ڊي تيار ڪرڻ جو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو. سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ بلوچستان ۾ مستقل امن جي قيام تائين بنا رڪاوٽ ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔