ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار جو پي آر او زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار علي نواز اعواڻ جو پي آر او جلال بچلاڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ ترجمان موجب واقعو گلستان جوهر جي علائقي پرفيوم چوڪ تي پيش آيو، موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ سبب جلال بچلاڻي کي هٿ ۾ گولي لڳي

پي ٽي آءِ ڪراچي جي ترجمان چيو ته جلال بچلاڻي اسٽور تي ڪار پارڪ ڪري بيٺو هو مٿس هٿياربندن حملو ڪيو، هڪ گولي بچلاڻي جي هٿ ۾ لڳي ۽ ٻي گاڏي کي لڳي، جلال بچلاڻي جي حالت بهتر آهي، جڏهن ته ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو کين اطلاع ناهي ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔