سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون مذاق بڻجي ويو

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ بدليون ۽ مقرريون مذاق بڻجي ويون، رڳو 6 ڏينهن ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) شرجيل کرل کي 3 ڀيرا مختلف هنڌن تي مقرر ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي شرجيل کرل کي پهرين حيدرآباد کان سکر ڊويزن ۽ پوءِ ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو

پر ان باوجود شرجيل کرل جي مقرريءَ برقرار نه رهي سگهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي شرجيل کرل کي هاڻي ڊي آءِ جي سائوٿ زون بڻايو ويو آهي

ٻئي طرف شرجيل کرل جي مقرري ۾ بار بار تبديلين تي نه پوليس ۽ نه ئي حڪومت جو ڪو موقف اڃا تائين سامهون ناهي آيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔