مير رضا قتل ڪيس: ضياءَ لنجار جوڊيشل ڪميشن ۾ پيش ٿي غير مشروط معافي گهري ورتي

ڪراچي:  سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار مير رضا ڪيس بابت ٺاهيل جوڊيشل ڪميشن ۾ پيش ٿي غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.

مير رضا قتل ڪيس جي جاچ جي لاءِ ٺاهيل جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن دوران سنڌ جو گهرو وزير ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ غير مشروط معافي گهري ورتي. سربراهه ڪميشن جسٽس عمر سيال سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار کي چيو ته مون کي خوشي ٿي ته اوهان ڪميشن جي گهرائڻ تي آيا، مير رضا ڪيس ۾ مير رضا جي گهر ڀاتين ۾ اعتماد جي کوٽ آهي منهنجي ۽ اوهان جي ڪوشش هوندي ته انهن جوا عتماد بحال ٿئي. بجاءِ انهي جي ته مان انهن جي گهر ڀاتين جا سوال ڌار ڌار ٻڌان مون انهن کي موقعو ڏنو آهي ته اهي پنهنجي وڪيل جي حوالي سان ڳالهائي سگهن.

جسٽس عمر سيال چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ باهه تي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو.  هن ۽ انهي جي ايڊيشنل فيملي کي سوال ڪرڻ کان روڪيو اهو عمل صحيح نه آهي. اسان اوهان کي انهي جي لاءِ زحمت ڏني ته اوهان انهي ڳالهه جي يقين دهاني ڪرايو ته اوهان کي ڪوبه اعتراض ناهي، فيملي کي اختيار آهي ته اها سوال ڪري.

گهرو وزير چيو ته سنڌ حڪومت طرفان انهي معاملي تي معذرت خواهه آهيون. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سنڌ حڪومت جو نمائندو آهي، اسان جو هتي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان سنڌ جي عوام کي امن امان ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بنايون. ضياءَ لنجار چيو ته منهنجي مير رضا جي گهر ڀاتين سان همدردي آهي، مان به والد آهيان، پوليس ۽ حڪومت جو ڪم آهي ته اصل ڏوهاري کي سامهون آندو وڃي، ڪميشن جيڪو چوندي اسان ۽ سنڌ حڪومت اوهان سان تعاون جي لاءِ تيار آهيون. اسان نٿا چاهيون ٿا ته ڪوبه سوچي ته سنڌ حڪومت جاچ نٿي چاهي، اسان چاهيون ٿا ته شفاف ڪارروائي ٿئي ۽ وارثن کي انصاف ملي. صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪميشن جو نتيجو اچڻ ضروري آهي ته جيئن حقيقتون سامهون اچن، جيڪي ماڻهو ملوث هوندا انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.

مير رضا جي والد جي وڪيل جبران ناصر مير رضا جي بزنس پارٽنر کي ٻيهر طلب ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته احمد طرفان ڪميشن تي الزام لڳايا ويا. اجلاس ۾ شهرين طرفان جوڊيشل ڪميشن کي مير رضا جي ڊيجيٽل اڪائونٽس، ڊيجيٽل فٽ پرنٽس ۽ ڪلائوڊ لاگ ان بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي.

انهي کان پوءِ ڪميشن مير رضا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه، ڊاڪٽر سميه، ايس ايڇ او عديل افضال ۽ هيڊ محرر ذيشان کي به طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل قابل وڪيل آهي مان اميد ڪريان ٿو ته اهو ايڊووڪيٽ جنرل برقرار رهندو، ڪميشن طرفان اجازت کان پوءِ سنڌ جو گهرو وزير عدالت مان روانو ٿي ويو.

روانگي کان اڳ ڪورٽ روم جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي انهي موجب هلنداسين ڪورٽ جي آءِ ٽي جي استدعا رد ڪري ڇڏي هئي. ضياءَ لنجار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ غلط فهمي هئي جنهن جي مون غير مشروط معافي گهري آهي، ڪميشن جي سربراهه کي يقين ڏياريو آهي ته جنهن شيءَ جي به ضرورت هجي اها فراهم ڪئي ويندي، اسان چاهيون ٿا ته وارثن کي انصاف ملي.

جنهن کان پوءِ مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايڇ او فيروز آباد، هيڊ محرر ذيشان ۽ پوليس سرجن کي به طلب ڪيو ويو.هٽايل ايم ايل او ڊاڪٽر اسامه شيخ ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.  ڪميشن سربراهه ڊاڪٽر اسامه شيخ کي 15 سيپٽمبر تي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو. ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽر نسيم زوم تي ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ جو يقين ڏياريو..

 

تبصرے بند ہیں۔