براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

ڀارتي وزيراعظم مودي مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه جون مبارڪون ڏنيون

ممبئي: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مسلمانن جي لاءِ عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان پيغام جاري ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي مودي پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان مبارڪن جو پيغام جاري ڪندي لکيو ته هر پاسي امن ۽ خوشحالي هجي، مهرباني ۽ ڀائيواري جون خوبيون

اڳوڻو امريڪي و پرڏيھي وزير ڪولن پائول ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

اڳوڻو آمريڪي پرڏيھي وزير ڪولن پائول ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو پرڏيھي ملڪي ميڊيا موجب ڪولن پائول جي گھرڀاتين جو چوڻ آھي تھ ڪولوپائول جو موت ڪورونا جي طبي پيچيدگين سبب ٿيو ياد رھي تھ ڪولن پائول اڳوڻي آمريڪي صدر جارج بش جونيئر جي دور ۾…

بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي: مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي ڌيءَ جنيفر گيٽس پنهنجي مسلمان مصري دوست نائل ناسر سان شادي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 16 آڪٽوبر تي پهرين مسلم طريقي سان شادي جي هڪ محدود تقريب ٿي جنهن کانپوءِ نيويارڪ ۾ شادي جي ٻي تقريب ۾…

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڏاڍ جاري، وڌيڪ 4 ڪشميري شهيد

سرينگر : والاريل ڪشمير ۾ قابض فجو جون ظالماڻيون ڪارروائيون جاري آهن ۽ وڌيڪ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پونڇ ضلعي ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 4 ڪشميري شهيد ڪيا، علائقي ۾ قابض سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن ستين ڏينهن به

ڏکڻ ڀارت ۾ تيز برساتون، 8 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

نئين دهلي: ڏکڻ ڀارتي رياست ڪيراله ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا. ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ اهي تيز برساتون ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو سبب بڻيون. ڀارتي ميڊيا موجب متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو آپريشن اڄ آچر ڏينهن به جاري رهيو،

افغانستان جي شهر قنڌار ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، سورنهن ڄڻا مارجي ويا، ٻٽيهه کان وڌيڪ زخمي

ڪابل: افغانستان جي شهر قنڌار ۾ ڌماڪي سبب 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 32 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب افغانستان جي ڏاکڻي شهر قنڌار جي مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڄڻن جي مارجي وڃڻ جو امڪان آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي

اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي طبيعت خراب آءِ سي يو منتقل

واشنگٽن: اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلٽن جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن کي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي آئروائن ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي هو آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي. آمريڪي ميڊيا

برطانوي پارليامينٽ ميمبر قاتلاني حملي ۾ مارجي ويو

لنڊن: برطانيا جي حڪمران جماعت سان واسطو رکندڙ پارليامينت ميمبر سر ڊيوڊ اميس قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو، هن تي تڪ جي دوري دوران ان وقت چاقو سان حملو ڪيو ويو جڏهن هو چرچ ۾ هو، چاقو سان ڪيل حملي سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو. پرڏيهي خابرو اداري جي

تائيوان ۾ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه، 46 ڄڻا اجل جو شڪار

تائپي: تائيوان ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 46 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. اها باهه تائيوان جي ڏاکڻي شهر ڪائوسينگ جي هڪ 13 ماڙ عمارت ۾ لڳي، جنهن تي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ضابطو آندو ويو. مقامي اختيارين موجب سڙي فوت ٿيل 40

جاپاني پارليامينٽ معطل، نئين چونڊن جو اعلان

جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيدا پارليامينٽ معطل ڪري هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيدا جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي انڪري هي موقعو چونڊن جي