آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.

پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پريز چيو آهي ته بجيٽ تجويزن ۾ ٽيڪس نيٽ  کي وڌائڻ جو موقعو وڃايو ويو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ وسيلن کي گهٽ ڪيو ويو.

آءِ ايم ايف نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي به قرض پروگرام جي شرطن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ ايم ايف جي نمائندي چيو ته نئين ايمنسٽي هڪ نقصان ڏيندڙ اسڪيم طور نظر اچي ٿي. ٽيڪس خرچن ۾ ايمنسٽي پروگرا جون شرطون حڪمراني جي ايجنڊا خلاف آهن.

هن توانائي شعبي تي مالي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن تي زور ڏنو. ان کان اڳ گذريل ڏينهن سينيٽ جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾  ناڻي واري وزارت جي اعليٰ اختيارين به ٻڌايو هو ته آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪس وصولي جي هدف کي اڻپورو ۽ پيٽروليم شين تي ليويز وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔