شڪارپور ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل

شڪارپور: شڪارپور جي ڏوراهين علائقي رستم ۾  جتوئي برادري جي ٻن ڌرين۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.

پوليس  موجب ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سبب ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. جڏهن ته فائرنگ سبب هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو آهي.

پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي طرف رواني ڪئي وئي آهي.

جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ رتو جتوئي، سوڍو، ارشاد جتوئي، بخش علي جتوئي، سردار خاتون ۽ عزت خاتون شامل آهن لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جهيڙي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔