پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڄ رات کان لاٿ جو امڪان آهي. ذريعن موجب 16 جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  معمولي هيٺ مٿانهين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. اوگرا جي سمري تي پيٽرول جي قيمت ۾ 5 کان 10 روپيه لاٿ ڪري سگهجي ٿي.

رپورٽ موجب اوگرا حڪومت کي ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي سمري اماڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ قيمتون گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب اوگرا جي سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 کان 10 روپيه في ليٽر  تائين ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون  قيمتون ساڳيون به رکي سگهجن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔