لنڪا پريميئر ليگ ۾ 10پاڪستاني ڪرڪيٽر کڄي ويا، ڪيترائي نظرانداز

ڪولمبو: لنڪا پريميئر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي نيلامي جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان جا تيرنهن ڪرڪيٽر 31 جولاءِ کان 22 هين آگسٽ تائين ايڪشن ۾ نظر ايندا.

لنڪا پريميئر ليگ لاءِ ٽن رانديگرن پري آڪشن سائننگ ڪئي هئي، 10 رانديگر آڪشن ذريعي مختلف ٽيمن جو حصو بڻجي ويا آهن

بي لوو ڪينڊي جي ٽيم محمد حسنين کي 34 هزار ڊالرن ۽ آصف عليءَ کي 30 هزار ڊالرن، محمد حارث کي ويهه هزار ۽ عامر جمال کي ڏهه هزار ڊالرن ۾ چونڊيو، جڏهن ته فخرزمان بي لوو ڪينڊي جي ٽيم سان پري آڪشن ۾ معاهدو سائن ڪيو هو.

جافنا ڪنگز جي ٽيم لاءِ شعيب ملڪ پنجاهه هزار ڊالرن ۽ زمان خان ٽيهه هزار ڊالرن ۾ چونڊيا ويا آهن

فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي دمبولا اورا ٽيم ويهه هزار ڊالرن ۾ حاصل ڪري ورتو

ڪولمبو اسٽرائيڪر افتخار احمد کي پنجاهه هزار ڊالرن ۾ حاصل ڪري ورتو، فاسٽ بالر وهاب رياض چاليهه هزار ڊالرن  ۽ محمد نواز ٽيهه هزار ڊالرن ۾ ڪولمبو جو حصو بڻيا جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه پري آڪشن معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون.

ان کانسواءِ عماد وسيم، اعظم خان، فهيم اشرف، سرفراز احمد، حيدر علي، عمر اڪمل ۽ شرجيل خان کي ڪو به خريدار نه ملي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔