روسي تيل کانپوءِ آذربائيجان مان هڪ ٻيو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جو توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، شهباز شريف چيو ته آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندو.
ملاقات ۾ اتفاق ٿيو ته آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، آذربائيجان جو پاڪستان مان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي کان ڇوٽ جي گڏيل نظام جي تياري تي به اتفاق ٿيو.
آذربائيجان جي ايئر لائن اسلام آباد ۽ ڪراچي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، جڏهن ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو.
ذريعن موجب آذربائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، وفاقي ڪابينا آذربائيجان مان ايل اين جي آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم گذريل 6 مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا طور عمل شروع ٿي ويندو، آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي اگهه تي هڪ ڪارگو پاڪستان موڪليندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔