ڀارتي،پوليس تشدد باوجود مختلف شهرن ۾ نوجوانن جو احتجاج جاري

نئين دهلي:  مودي حڪومت خلاف دهلي کانپوءِ احتجاجي مظاهرا سمورن ڀارتي رياستن تائين پکڙجي ويا آهن، ۽ نوجوان اڃا تائين سڙڪن تي موجود آهن. تعليمي نظام ۾ بي ضابطگين ۽ پيپر ليڪس تي ‘ڪاڪروچ جنتا پارٽي’ جو ڀارتي حڪومت کان احتساب جو مطالبو زور وٺي ويو آهي. ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي بدترين تشدد باوجود نوجوانن پاران نريندر مودي، امت شاهه ۽ ڌرميندر پرڌان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايمڪس (Twitter) تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز موجب، نوجوان ڪيرالا، اروناچل پرديش، تمل ناڊو، گوا، گجرات، بهار ۽ مغربي بنگال سميت مختلف رياستن ۾ سڙڪن تي نڪتل آهن. عالمي رسالي ‘الجزيره’ موجب، ڀارتي نوجوانن جي حمايت ڪرڻ تي ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي کي به پوليس پاران حراست ۾ ورتو ويو. اپوزيشن اڳواڻ جي گرفتاري جي خلاف ۽ شاگردن جي حق ۾ مختلف ڀارتي سياسي پارٽين پڻ ڀرپور احتجاج ڪيو. اپوزيشن اڳواڻ پريانڪا گانڌي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي پنهنجي ئي شهرين تي بدترين مظالم کي پڌرو ڪندي چيو ته شاگردن تي بي رحميءَ سان حملو ڪيو پيو وڃي، مٿن لاٺيون وسايون پيون وڃن ۽ ڳوڙها ڳاڙيندڙ گئس جا شيل اڇلايا پيا وڃن، جڏهن ته ڇوڪرين سان انتهائي خراب سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ سندن ڪپڙا ڦاڙيا پيا وڃن. اپوزيشن اڳواڻ ۽ ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر ملڪارجن کڙگي مودي جي طرزِ حڪومت کي آمريت قرار ڏئي ڇڏيو. ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ڪي سي وينوگوپال چيو ته ڀارتي حڪومت شاگردن سان بربريت ڪري رهي آهي، تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. انساني حقن جي تنظيم ‘ايمنسٽي انٽرنيشنل’ موجب، نوجوانن جي احتجاج مان سامهون ايندڙ تصويرن ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت ۾ پرامن اختلافِ راءِ کي دٻايو پيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔