پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ واپار، سرمائيڪاري ۽ اعليٰ سطحي رابطا مضبوط بنائڻ تي اتفاق

اسلام آباد:  پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار، سرمائيڪاري ۽ اعليٰ سطحي رابطا مضبوط بنائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

نائب وزيراعطم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم 2026 جي موقعي تي  منيلا ۾ سلطنت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد البوسعيدي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علاقائي صورتحال ۽ گڏيل تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ تعاون جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. انهي موقعي تي اعليٰ سطحي معاملن، واپار ۽ سرمائيڪاري ۾ اضافي، عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ، ڪاروباري برادري جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بنائڻ ۽ مختلف فورمز تي مسلسل رابطه، تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اسحاق ڊار ۽ عماني پرڏيهي وزير تازي علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. عمان جي پرڏيهي وزير خطي ۾ ڳالهيون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن، سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي برقرار رکڻ، عالمي قانون جي احترام ۽ خطي ۾ ديرپا امن، استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات جي اختتام تي ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔