لاهور: لاهور ۾ رات دير سان شروع ٿيل تيز برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي رهائشي علائقن ۽ اهم روڊن تي ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو، ٽريفڪ جام ۽ سيوريج نظام مفلوج ٿيڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.
شهر ۾ رات ديرسان شروع ٿيل برسات وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪينٽ، ڊفينس ۽ والٽن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ تلاءُ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي گهرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو.
لاهور ڪينٽ ۾ تيز برسات سبب سيوريج سسٽم جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ علي ويو، گارڊنز، علي پارڪ، نادرا آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو، مقامي ماڻهن موجب مختلف علائقا ندي نالن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف ڊفينس فيز ٿري جي اي، بي ۽ سي بلاڪس ۾ به برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته والٽن روڊ ۽ ڪيولري گرائونڊ ۾ روڊ مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيولري گرائونڊ جو مُک روڊ به پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب اچ وڃ ڪافي متاثر رهي.
برسات کان پوءِ ڊفينس روڊ تي به پاڻي جمع ٿيڻ سبب روڊ درياءَ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا جڏهن ته ڊفينس انڊر پاس به پاڻي سان ڀرجي ويو. شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻ پيو.
موسميات کاتي موجب اڄ ڏينهن جو به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو. سانوڻي جي برسات سبب لاهور ۾ حبس ۽ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ کان وڌ 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔