لاهور ۾ تيز برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال، روڊ ندي نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، پاڻي گهرن ۾ داخل
لاهور: لاهور ۾ رات دير سان شروع ٿيل تيز برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي رهائشي علائقن ۽ اهم روڊن تي ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو، ٽريفڪ جام ۽ سيوريج…