يونان ۾ ٻيڙي اونڌي: پاڪستانين سميت 78 ڄڻا فوت: 500 ماڻهو گم

يونان جي ڏکڻ واري ساحلي علائقي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستانين سميت 78 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

عالمي ادارن پاران ٻڏي فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ   298 کان وڌيڪ هئڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 12 ڄڻن کي بچايو ويو

يوناني ميڊيا جي رپورٽس موجب لبيا کان غير قانوني طور اٽلي ويندڙ ٻيڙي يونان جي ڏکڻ ساحلي علائقي ۾ اونڌي ٿي پئي، ٻيڙي ۾ 6 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا

گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس موجب ٻيڙي اونڌي ٿيڻ بعد 5 سئو ماڻهو اڃا گم آهن، گم ٿيلن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔