شيل ڪمپني عالمي سيڙپڪار کي شيئرز کپائڻ چاهي ٿي، پاڪستان ۾ ڪاروبار بند نه پئي ڪري: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير پيٽروليم ڪمپني شيل طرفان پاڪستان ۾ پنهنجي شيئرز جي وڪري تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته شيل هڪ ٻئي سيڙپڪار کي پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اسان چين جي ٻن بئنڪن سان رابطو ڪيو ۽ مقرر وقت کان اڳ ادائيگي ڪرڻ جو چيو، ٻاهرين ادائيگي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
هن چيو ته سومر تي اسان چين کي ادائيگي ڪئي، طئي ٿيو فاسٽ ٽريڪ سان ادائيگي ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ ڊالرز جي به چين کي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري چين جي بئنڪن کي ادائيگي ۾ ڪو ڏنڊ ادا نه ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته چين کان 30 ڪروڙ ڊالر جلد ملي ويندا، اهو طئي ڪري چڪا آهيون، 300 ملين ڊالرز به پاڪستان کي 3 يا 4 ڏينهن ۾ واپس اچي ويندا.
شيل طرفان شيئرز وڪرو ڪرڻ بابت وضاحت ڪندي اسحاق ڊار چيو ته شيل ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجو بزنس بند نه پئي ڪري، شيل ڪمپني جيڪو به فيصلو ڪندي، اهو حڪومتي فيصلن تي عملدرآمد جو پابند آهي.
اسحاق ڊار ٻڌايو ته شيل هڪ ٻئي سيڙپڪار کي پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي، شيل جا ملازم ائين ئي رهندا، شيل ڪمپني پنهنجا شيئرز کپائي ٻاهرئين ملڪ رقم نه پئي کڻي وڃي، پنهنجا شيئرز وڪرو ڪري رهي آهي، ان جو ملڪ جي حالتن سان واسطو ناهي.
هن چيو ته شيل ڪمپني جي حوالي سان بي بنياد اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ شيل جا شيئرز ڪنهن ٻئي جي نالي منتقل ٿي ويندا، حڪومت کي شيل جي ان فيصلي جي اڳ ئي خبر هئي، شيل ڪمپني جرمني، انگلينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا شيئرز کپائي رهي آهي، ڪو ڪاروبار بند ٿي رهيو آهي نه ڪو بيروزگار ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔