پارٽي تبديل ڪرڻ باوجود فواد جو گهيرو تنگ، فرد جرم جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ فواد چوڌري خلاف 24 جون تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ فواد چوڌري اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيو

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته فواد چوڌري خلاف فرد جرم 24 جون تي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته فواد چوڌري کي عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي

استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري کي ڪيس جون ڪاپيز به فراهم ڪيون ويون

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔