افغانستان ۾ بم ڌماڪو، 15 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي

ڪابل: افغانستان ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل نائب گورنر جي جنازي نماز دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب افغانستان جي صوبي بدخشان جي مسجد ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن صوبي جي نائب گورنر نثار احمد احمدي جي جنازي نمازي ادا ڪئي پئي وئي.
مقامي اختيارين ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقعي ۾ ڪيتريون ئي فوتگيون ٿيون آهن پر ان جو صحيح انگ ناهي ٻڌايو ويو.
ياد رهي ته اڱاري ڏينهن بدخشان صوبي جي وقتي طور گورنر سوڌو 2 ڄڻا ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔