واٽس ايپ هڪ ٻيو اهم فيچر پيش ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا: ميٽا جي ملڪيت ميسجنگ پليٽ فارم واٽس ايپ ۾ وجهڙائي وارن هفتن دوران ڪيئي نون فيچرن جون واڌارو ڪيو ويو آهي.
ميسج ايڊيٽنگ، لاڪ چيٽس، ۽ هڪ ئي اڪائونٽ ڪيئي ڊيوائسز ۾ استعمال ڪرڻ سميت ڪيئي فيچرز هاڻي واٽس ايپ صارفين کي دستياب آهن.
پر ڪمپني طرفان واٽس ايپ ۾ تبديلين جو سلسلو جاري آهي، هاڻي هڪ ٻيو وڏو فيچر ميسجنگ ايپ جو حصو بڻجي ويو آهي.
واٽس ايپ طرفان چئنلز نالي فيچر کي انڪرپٽڊ ميسجنگ سروس جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ايڊمنز لاءِ چئنلز ذريعي ٽيڪسٽ، فوٽوز، وڊيوز، اسٽيڪرز ۽ پولز وڏي پئماني تي ماڻهن سان شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو.
واهپيدارن چئنلز کي فالو ڪري سگهندا ۽ ان لاءِ سرچ ايبل ڊائريڪٽري جي مدد وٺي سگهندا.
ڪمپني موجب، صارفين سرچ ڪري پنهنجي پسنديدا ٽيمن، مشغلن يا مقامي اختيارين جي اَپ ڊيٽس تي ٻڌل چئنلز کي فالو ڪري سگهندا.
واٽس ايپ موجب اوهان چئنلن ذريعي انهن سمورن موضوعن کي فالو ڪري سگهندئو جن کي اوهان فالو ڪرڻ چاهيون ٿا.
ڪمپني طرفان ان فيچر لاءِ فٽبال ٽيمن ايف سي بارسلونا ۽ مانچيسٽر سٽي سميت صحت واري عالمي اداري سان ڀائيواري ڪئي آهي.
ڪمپني ٻڌايو اهو فيچر سڀ کان پهرين ڪولمبيا ۽ سنگاپور جي واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻين مُلڪن ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
چئنلز جو آپشن واٽس ايپ جي هڪ نئين ٽيب اَپ ڊيٽس (اهو ٽيب جو نالو آهي) ۾ موجود هوندو.جڏهن ته ايڊمن پنهنجي چئنلز ۾ ماڻهن کي ايڊ نه ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب، هي چئنلز بنيادي طور تي ميسجنگ براڊ ڪاسٽنگ ٽول آهي جنهن ۾ ماڻهن جي پرائيويسي کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
هڪ چئنل جي هسٽري ٽيهه ڏينهن تائين دستياب هوندي جنهن بعد اِها پاڻمرادو غائب ٿي ويندي.
هڪ چئنل جي ايڊمنز جا فون نمبر ۽ پروفائيل فوٽوز فالوورز سان شيئر نه ڪيا ويندا پر جيڪڏهن اوهان ڪنهن چئنل کي فالو ڪندئو ته اوهان جو فون نمبر به ايڊمن يا ڪنهن ٻئي فالوور جي آڏو ظاهر نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔