نوجوان ڪراٽي چيمپيئن وهنجڻ دوران شاور مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

الجزائر جي الشباب اسپورٽس ڪلب ” بابا احسن“  سان واسطو رکندڙ  اُڀرندڙ ڪراٽي چيمپيئن وسام ايسفد وهنجڻ دوران شاور مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، سندس موت تي سموري مُلڪ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.

الجزائر ڪراٽي فيڊريشن جي سربراهه ياسين قوري فيڊريشن جي فيسبوڪ پيچ تي هڪ پوسٽ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

سترنهن ورهين جي ايٿليٽ وسام ايسفد الجزائر جي راڄڌاني ۾ هاءِ اسڪول آف شهيد عمار سوس بابا حسن ۾ بلڪوريٽ امتحانن جي تياري به ڪري رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔