بجيٽ، ٽيڪس ريٽرنز جمع نه ڪرائيندڙن خلاف سخت تجويزون سامهون اچي ويون

اسلام آباد : ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙن خلاف سخت تجويزون ڏنيون ويون آهن.

ذريعن موجب ٽيڪس ريٽرن دير سان فائل ڪرڻ تي ڏنڊ لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سيڪشن 165 تحت ود هولڊنگ اسٽيٽميٽ فائل نه ڪرڻ تي ٻه هزار رپيا ڏنڊ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ڊيفالٽ ڪرڻ تي روز 200 رپيا ڏنڊ لڳائڻ ۽ ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي وڌ کان وڌ ڏنڊ 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔