وفاق بجيٽ ۾ ڪراچي جي ڪي فور منصوبي لاءِ وڏي رقم رکي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت مالي سال 24-2023 جي بجيٽ ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ به وڏي رقم رکي ڇڏي.
وفاقي ڪابينه مان منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ پيش ڪئي.
بجيٽ دستاويز موجب وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي فور گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ به رقم رکي آهي.
بجيٽ دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي فور گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔