طوفان جو رخ پاڪستان ڏانهن ٿي ويو، ڪهڙن علائقن کي خطرو؟

ڪراچي : موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سامونڊي طوفان بيپر جوائي پنهنجو رخ تبديل ڪري پاڪستان طرف وڌي ويو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان هاڻي اتر اولهه بدران اتر اوڀر طرف وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن طوفان جو رخ ساڳيو رهيو ته پاڪستان جي ساحلي پٽي لاءِ خطرو آهي. طوفان 12 ڪلاڪن ۾ اتر اوڀر طرف وڌيو آهي.

موسميات کاتي موجب طوفان ڪراچي کان 1100 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف آهي، طوفان جي مرڪز ۾ 130 کان 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون گهلي رهيون آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چاڙهه سبب 25 کان 28 فوٽن تائين لهرون اٿڻ جو امڪان آهي، عام طور تي سمنڊ جي سطح تي لهرون 4 کان 5 فوٽ بلند هونديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔