سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جو جواب، اطلاعات يا قانون وارو وزير نه پر گهرو وزير ڏيندو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد:  وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جو جواب اطلاعات يا قانون وارو وزير نه پر گهرو وزير ڏيندو.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته توهين عدالت اها ٿي آهي ته هڪ اسپتال جي بجاءِ ٻئي اسپتال ۾ چيڪ اپ ٿيو آهي پر اها اسپتال امن امان جي صورتحال جي ڪري تبديل ڪئي وئي ۽ امن امان صورتحال جي ذميواري گهرو وزارت وٽ هوندي آهي. انهي لاءِ گهرو وزارت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ثبوت سامهون رکندي.

راڻا ثناءُالله چيو ته عدالت واضح طور تي چيو ته اهو ڪم ناهي ڪرڻو پر پي ٽي آءِ ساڳيو ڪم ڪيو. هن چيو ته ڳالهيون ۽ سياسي پارٽين سان ويهڻ پي ٽي آءِ کي سمجهه ۾ نٿو اچي. تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني کان شروع ۽ انهي تي ئي ختم ٿيندي آهي. اپوزيشن ۾ پي ٽي آءِ کان سواءِ ڪنهن کي اختلاف آهي؟ سڀ اسان سان ويهڻ لاءِ تيار آهن.

جماعت اسلامي جي پيٽروليم شين جي قيمتن خلاف احتجاج تي ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته جماعت اسلامي کي احساس ڪندي احتجاج ختم ڪرڻ گهرجي. انهي ۾ عوام شامل ناهي، عوام جماعت اسلامي جي احتجاج کي رد ڪيو آهي. جماعت اسلامي کي مشورو آهي ته انهي ڪم کي ڇڏي ڏئي. جڏهن اوهان جي احتجاج ۾ ڪير به شامل ئي ناهي ٿيو ته ڪيئن انهي کي عوامي احتجاج چئي رهيا آهيو.

هن چيو ته مان خالد باٺهه کي به سڃاڻان ٿو ۽ جن هارين کي وٺي آيا هئا انهن کي به سڃاڻان ٿو. ماڻهن کي اطمينان آهي ته (ن) ليگ کي ماڻهن جي مسئلن جي خبر آهي. اسان جون سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿين ٿيون ته مهانگائي ۽ ٻيون پريشانيون حل ٿيڻ جو امڪان آهي.

انهي کان اڳ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين ۾ راڻا ثناءُالله چيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي ۾ ڪابه پريشاني نه آهي. اڄ خصوصي سيٽن تي چونڊ ٿي وئي آهي. اسان جا 6 اميدوار چونڊيا ويا آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ هاڻ اسان جي ميمبرن جو تعداد 32 ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي مظاهرين بابت جيڪو فيصلو ڪندي اهو آزاد آهي. اسان کي اميد آهي ته اهي پاڻ ۾ ويهي پنهنجن مسئلن کي بهتر طريقي سان حل ڪندا.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي هوندي ڪوبه الائنس نٿو بڻجي سگهي، پي ٽي آءِ ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. گهرو وزير کي توهين عدالت واري درخواست ۾ رکڻ يا نه رکڻ جو انهن جو پنهنجو فيصلو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔