ايران پاران 2 هزار ڪلوميٽر مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

تهران : ايران 2 هزار ڪلوميٽر مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڏو آهي، ايران موجب اهو هٿيار پراڻي دشمن اسرائيل ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي مخالفت باوجود ايران جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي دفاعي ميزائل پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.

ايران جي بچاءَ واري وزير محمد رضا اشتياني جو چوڻ هو ته ايران جي دشمنن لاءِ اسان جو پيغام آهي ته اسان ملڪ ۽ ان جي ڪاميابين جو دفاع ڪنداسين جڏهن ته اسان جي دوستن لاءِ اسان جو پيغام آهي ته اسان علائقائي استحڪام ۾ مدد ڪرڻ چاهيون ٿا.

ايران جي سرڪاري ٽي وي بيلسٽڪ ميزائل جي تجربي جو ڪجهه وڊيوز نشر ڪيون جن بابت اهو ايران جو خرمشهر 4 بيلسٽڪ ميزائل جو اپ گريڊ ورجن هو. جنهن جي مار 2 هزار ڪلوميٽر آهي ۽ اهو 1500 ڪلوگرام وار هيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔