61 سالن جي سينيئر اداڪار 33 سالن جي فيشن ڊزائنر سان شادي ڪري ورتي

ممبئي: باليووڊ جي سينيئر اداڪار اشيش وديارٿي آسام سان تعلق رکندڙ فيشن ڊزائنر روپالي باروا سان ڪورٽ ميرج ڪري ورتي.

ٿوري پيماني تي ڪوٺايل ان شادي جي تقريب ۾ ٻنهي طرفان سندن ويجهن رشتيدارن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

انکانپوءِ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڪهٺ سالن جي اشيش وديارٿي چيو ته زندگي جي هن مرحلي تي روپالي سان شادي ڪرڻ هڪ غيرمعمولي احساسن جو مظهر آهي.

هن چيو ته اسان ٻنهي جي ٿورو وقت اڳ ئي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ اسان فيصلو ڪيو ته ٻنهي کي شادي ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته روپالي جي عمر ٽيٽيهه سال آهي، وديارٿي جي اڳ ۾ ٿيٽر اداڪارا ۽ گلوڪارا راجوشي باروا سان شادي ٿيل هئي جيڪا طلاق تي ختم ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔