ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي: فائز عيسيٰ

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت اها ڪميشن جوڙي وئي، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي نوٽيس ئي جاري ڪيو وڃي ها، ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، اسان صرف الله جا غلام آهيون ڪنهن ٻئي جا نه، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني ڪميشن حڪومت طرفان  جوڙيل آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نعيم افغان ڪميشن جو حصو هئا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي قائدن موجب ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو آهي، ڪميشن کي حڪم نامي جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي، ڇا سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪميشن لاءِ ڪو حڪم نامو جاري ڪيو آهي؟

 ٿورو گهڻو آئين مان به ڄاڻان ٿو، ڪميشن معاملي ۾ ڌر هو، ان کي نوٽيس ڇو نه ڪيو ويو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰٰ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان ڪالهه عدالتي ڪمري ۾ ڇو موجود هئا؟ اوهان کي نوٽيس ڪيو ويو هو يا ايئن ئي ويٺا هئا؟

 اٽارني جنرل ٻڌايو ته مون کي زباني ٻڌايو ويو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي بعد نوٽيس جاري ڪيو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ جج خلاف الزام تي سڌو ريفرنس وڃي ته هو سڄي زندگي  لوڙيندو رهندو، شعيب شاهين هڪ وڪيل  آهي

هن چيو ته هر وقت ٽي وي تي تقرير ڪندو رهي ٿو، اسان کي قانون سيکارڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، شعيب شاهين ميڊيا تي تقريرون ڪيون پرعدالت ۾ اچڻ جي زحمت نه ڪئي

قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پرائيويسي هميشه گهر جي  ٿيندي آهي، ڪنهن جي گهر ۾  جهاتي پائي نه ٿي سگهجي ٻاهر روڊ  تي جيڪي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن، ڇا اهي به  پرائيويسي جي خلاف آهن؟ قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اسان ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهون، ڪارروائي جو حڪم نامو اڄ ئي جاري ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔