شيخ رشيد سميت پي ٽي آءِ جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽس منسوخ

وفاقي حڪومت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ تحريڪ انصاف جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ منسوخ ڪري ڇڏيا،

 جن اڳواڻن جا پاسپورٽ منسوخ ڪيا ويا، انهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، اعظم سواتي، فرخ حبيب، علي امين گنڊاپور، عون عباس بپي، زرتاج گل ۽ علي محمد خان شامل آهن

 عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ به منسوخ ڪيو ويو آهي، حڪومت ان کان اڳ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي 80 اڳواڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔