ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ڀارت موڪلڻ بابت پرڏيهي آفيس مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺنداسين، ڀارت جو رويو ڏسڻ کانپوءِ ٽيم موڪلڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته ڀارت ۾ شيڊول ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو رويو مايوس ڪندڙ رهيو آهي، اسان جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي به ويزائون نه ڏنيون ويون هيون، عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم ڀارت موڪلڻ جو فيصلو مودي سرڪار جو رويو ڏسي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔