آمريڪي شهري نوڪري ڇڏي جهنگ ۾ ڇو ٿو رهي؟

ڪيليفورنيا: فطرت سان محبت ته هر ڪو رکي ٿو انهيءَ ڪري گھڻا ماڻهو فطرت جي ويجهو هجڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن، اهڙو ئي هڪ شخص آمريڪي شهري به آهي جيڪو ان محبت لاءِ پنهنجي نوڪري ڇڏي جهنگ ۾ وڃي رهيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رابرٽ برٽن نالي شهري جو واسطو آمريڪي رياست اتر ڪيليفورنيا سان آهي هو هڪ سپر مارڪيٽ ۾ ڪيشيئر جي نوڪري ڪندو هو.
سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آمريڪي شهريءَ ڊجيٽل ۽ شهري سهولتن واري زندگي ڇڏي آمريڪي رياست هوائي جي ٻيلي ۾ ڇو وڃي رهيو؟
ميڊيا رپورٽن موجب رابرٽ فطرت جي ويجهو رهڻ چاهي پيو جنهن سبب هن هوائي جي ٻيلي جي چونڊ ڪئي ۽ اُتي پنهنجو گھر تيار ڪري ورتو، رابرٽ طرفان ٻيلي ۾ تيار ڪيل گھر جي وڊيو انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موبج رابرٽ 2011ع کان جهنگ ۾ رهي رهيو آهي ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي روز نيون نيون وڊيوز شيئر ڪندو رهندو آهي.
جهنگ ۾ رابرٽ جي گذر سفر جو ذريعو سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ ذريعي ٿيندڙ ڪمائي آهي جنهن تي سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي زندگي جي ماضي کي ياد ناهي ڪندو جڏهن ته هو پنهنجي کائڻ جون شيون پاڻ پوکيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔