ڀارتي هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪري تباهه، پائلٽ محفوظ

نئين دهلي: ڀارتي فضائيا جو تربيتي جهاز اڏام دوران ڪِري تباهه ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ايئر فورس جو تربيتي جهاز خميس ڏينهن ڪرناٽڪا رياست جي علائقي سورت ۾ ڪِري تباهه ٿيو. ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته جنهن دوران حادثو پيش آيو ان وقت جهاز معمول جي تربيتي اڏام تي هو، اهو حادثو بينگلورو شهر کان 136 ڪلوميٽر پري چمراج نگر ضلعي ۾ پيش آيو. ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ جهاز ۾ موجود ڪِريو ميمبر محفوظ رهيا. ميڊيا جو چوڻ هو ته فضائيا حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جهاز ڪِرڻ جا سبب فوري طور تي خبر ناهن پئجي سگھيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔