روسي تيل جا پاڪستان پهچڻ جا سمورا اندازا غلط ثابت

اسلام آباد: روس کان پاڪستان ايندڙ خام تيل(ڪچو تيل) جي پهچڻ بابت سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته سامونڊي جهاز اڃا تائين عمان پهتو آهي

اِها ڳالهه سرڪاري کاتي جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌائي ته جهاز سڀاڻي 7 جون تي عمان جي بندر گاهه پهچندو

وفاقي وزير مصدق ملڪ 24 مئي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته سامونڊي جهاز 27 مئي تي عمان پهچندو، جنهن بعد ننڍي جهاز ذريعي تيل پاڪستان آندو ويندو

پهريان روسي تيل جي کيپ هڪ لک ٽن خام تيل آڻڻ بابت غلط دعوائون ڪيون ويون، هاڻ تيل جي رسائي بابت غلط ڄاڻ ڏني پئي وڃي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔