ڪراچي:ايف آءِ اي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، “قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) گڏيل ڳجهي معلومات جي بنياد تي وڏي ڪارروائي ڪندي افغان شهرين لاءِ غيرقانوني طور جعلي سڃاڻپ وارا دستاويز تيار ڪرڻ ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.”
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار ٿيلن ۾ نادرا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انعام الحق، ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد، جنيد احمد، چوڪيدار، نادرا ۽ محمد عمر شاهه خانگي ايجنٽ شامل آهن.
واضح رهي ته ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد جي گمشدگي بابت ڪراچي پوليس سندس والد سهيل سانگي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو. ايف آءِ آر موجب فياض احمد 20 جولاءِ جي شام کان لاپتا هو. سندس والد شڪ ظاهر ڪيو هو ته کين اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪري کڻي ويا آهن.
نادرا جي ترجمان چيو هو ته ان معاملي بابت تفصيل ايف آءِ اي کان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ايف آءِ اي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، “ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار افغان شهرين لاءِ جعلي سڃاڻپ وارا دستاويز جاري ڪرائڻ، سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ملوث هئا.”
بيان ۾ چيو ويو آهي ته، “جاچ دوران هٿ آيل ابتدائي شاهدن مان هن منظم نيٽ ورڪ جا ڪجهه دهشتگرد عنصرن سان ممڪنه لاڳاپا پڻ سامهون آيا آهن، جن بابت وڌيڪ جامع جاچ جاري آهي.”
ايف آءِ اي دعويٰ ڪئي آهي ته، “ڪارروائي دوران اهم رڪارڊ، ڊجيٽل مواد ۽ ٻيا ثبوت پنهنجي تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي.” ايف آءِ اي موجب جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشافن ۽ گرفتارين جو امڪان آهي، ۽ هن نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل سڀني سهولتڪارن ۽ مرڪزي ڪردارن کي قانون موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، “ايف آءِ اي ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي کي درپيش خطرن، دهشتگردي جي سهولتڪاري، جعلي سڃاڻپ وارن دستاويزن جي اجرا ۽ اهڙن منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن جي مڪمل خاتمي لاءِ بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم کي ورجائين ٿا.”
تبصرے بند ہیں۔