وزيراعظم جي هدايت تي بجيٽ کان اڳ عوام کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد: (اڱارو:بجيٽ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف طرفان عوام کي وڏو رليف ملي ويو.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت 9 جون تي بجيٽ پيش ڪندي، اسحاق ڊار ان حوالي سان چئي چڪو آهي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي بجيٽ کان اڳ عوام کي خاص رليف ڏنو ويو آهي.
يوٽيليٽي اسٽورن تي سبسڊائزڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 80 رپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، بناسپتي گيهه جي قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گيهه جي قيمت 490 رپين مان گهٽجي 410 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ واهپيدارن لاءِ گيهه 300 رپيا في ڪلو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔