ٽروبا : ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 90 رنسن تان شرمناڪ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ کيڏي ويل ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستاني بيٽنگ لائن ريت جي ديوار ثابت ٿي ۽ 211 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پوري ٽيم رڳو 120 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪپتان بابر اعظم هڪ ڇيڙو سنڀالي بيٺو رهيو ۽ 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو پر کيس ٻئي ڪنهن به بيٽسمين جو ساٿ نه مليو، جنهن ڪري ٽيم جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به پهچي نه سگهيا. اذان اوئيس 3، امام الحق 3، شان مسعود 3، علي عثمان 2 ۽ خرم شهزاد 4 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سلمان آغا، عامر جمال ۽ محمد علي ٻُڙي تي پويلين هليا ويا. ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هدف حاصل ڪرڻ جهڙو هو پر آخري ڏينهن بيٽنگ لائين دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهي، ايندڙ ميچ ۾ بهتري آڻينداسين. ياد رهي ته ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ 311 ۽ ٻي اننگز ۾ 181 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 282 رنسون ڪيون هيون.
تبصرے بند ہیں۔